Tuesday, May 20, 2014

ميرپور خاص (بيورو رپورٽ) ننگرپارڪر واسي چئن سالن جي ٻارڙي يعقوب ساند کي مٺي ۾ علاج نه ٿيڻ سبب ميرپورخاص سول اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ٻانهرائيو واسي بيمار نينگر جي والد احمد علي ساند چيو ته پٽ يعقوب جي نمونيا سبب حالت خراب هئي، جنهن کي ننگرپارڪر اسپتال موڪليو، جن وري مٺي اسپتال موڪليو جتي ٻه ڏينهن هئاسين پر ڊاڪٽر چيڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا، مون ۽ منهنجي گهر واري ڊاڪٽرن کي منٿون ڪيون پر ڪنهن به اسان جي نه ٻڌي پوءِ مجبور ٿي هتي آيا آهيون. هتي علاج بهتر ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اسان غريب مسڪين آهيون بک ۽ بدحالي اسان جو نصيب آهي، اسان کي امداد جي ضرورت نه آهي. اولاد جي زندگي بچائي وڃي. ٻئي طرف جمعيت علماءِ پاڪستان ضلعي صدر رفيق بلالي چيو ته ٿر ۾ حڪومتي لاپرواهي سبب قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن. واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

No comments:

Post a Comment