Tuesday, May 20, 2014

ٺٽو/گهارو (شبير ڀٽي + عثمان ڪنڀار) جسقم آريسر جوڌارين جي آبادڪاري ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ خلاف  سکر کان ڪراچيءَ لاءِ نڪتل پنڌ مارچ جي قافلي جي گهارو پهچڻ تي شاندار آجيان گلن جي ورکا، جسقم (ب) ۽ سنڌ نيشنل موومينٽ جي ڪارڪنن پاران آجيان، قافلي جي پاڌينئڙن پڻ هندن سان ٻڌي طور هولي ڏڻ ملهايو. سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي سنڌ ۾  هٿ وٺي مذهبي فساد ڪرائي انتهاپسندي پکيڙي پئي وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار جسقم (آريسر) جي وائيس چئيرمين اسلم خيرپوري گهارو ۾ استقبال لاءِ گڏ ٿيلن کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته اسين سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، وسيلن جي ڦرلٽ مذهبي انتهاپسندي ۽ تحفظ پاڪستان آرڊيننس خلاف سکر کان ڪراچيءَ لاءِ  لانگ مارچ کڻي وڃي رهيا آهيون، 20 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌي گڏ ٿي عالمي دنيا کي اهو پيغام ڏينداسين ته سنڌصوفين جي ڌرتي آهي، جنهن تي رياست ڌارين برمين، بنگالين، افغانين ۽ پنجابين کي مسلط ڪري سنڌ جي قديم تهذيب ۽ رواداريءَ کي ختم ڪرڻ  ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ کي هٿي ڏيڻ واري پاليسيءَ تي عمل پيراآهن، گذريل ٻن ڏينهن کان سنڌ جي ٽن ضلعن لاڙڪاڻي، خيرپور۽ ٺٽي ۾ لانگ مارچ جي قافلي تي حملي جي واقعن ۾ هڪجهڙائي آهي ۽ اهڙن واقعن ذريعي سنڌ جي وارثن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي. ان کانسواءِ تحفظِ پاڪستان آرڊيننس ذريعي قومپرستن جي آواز کي ڌٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسين سنڌ واسين کي اپيل ٿا ڪريون ته اچو ته مذهبي ۽ نسلي مٿڀيد کان هٽي هڪ قوم ٿي اهو ثابت ڪريون ته اسين سنڌ جا وارث آهيون، ان موقعي تي عادل شاهه، غلام حسين خاصخيلي، اميرآزاد، راجا ڏاهر، روشن چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

No comments:

Post a Comment