Tuesday, May 20, 2014

لاڙڪاڻو/نئون ديرو(ڊ ر+ن ع آ) جسقم پاران 23 مارچ تي سنڌ گهري ٿي آزادي ريليءَ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪالهه جسقم جي مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، بشير خاصخيلي، ساگر حنيف بڙدي، سلمان وڌو، بشير بروهي، عزيز شيخ، اطهر سومرو ۽ ٻين شهر جي بندر روڊ، صديقي بازار، ريشم بازار، شاهي بازار ۽ ٻين ڪاروباري علائقن ۾ واپارين، دڪاندارن وٽ وڃي چيو ته سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ 23 مارچ تي ڪراچي جي تبت سينٽر تي جسقم پاران ريلي ڪڍي پئي وڃي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ جا ماڻهو شريڪ ٿين.هوڏانهن نئين ديري ۾تقريب کي خطاب ڪندي صنعان قريشي چيو تهجسقم چيئيرمين صنعان قريشي چيو ته سنڌ قدرتي معدني وسيلن سان مالامال آهي، سنڌ مان تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻيا معدني وسيلا جهجهي مقدار ۾ موجود آهن، پر سنڌين جا حق ڦٻايا پيا وڃن ۽ سنڌ ڌرتي مان نڪرندڙ معدني وسيلن تي به سنڌين جو حق نه آهي. هن چيو ته 73 جي آئين ۾ سنڌين کي ڪالونيءَ جو درجو ڏنو ويو آهي هن چيو ته سنڌي هڪ قوم آهي. ۽ سنڌ هاڻي آزادي گهري ٿي. ان ڪري 23 مارچ تي سڄي سنڌ جا لکين ماڻهو ڪراچي پهچي ريلي ۾ شرڪت ڪن ته جيئن سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجهد تيز ڪري سگهجي. وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته هڪ ڦرلٽ بندوق جي زور تي ٿيندي آهي پر 73ع جي آئين ۾ پنجاب سنڌين جي حقن جي ڦرلٽ بغير بندوق جي ڪري رهيو آهي، هن چيو ته جمهوريت جي آڙ ۾ سنڌ کي ورهائيندڙن سان ڌرتيءَ جا حلالي پٽ مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ ٻيهر گڏ ٿي اهو ثابت ڪري ڏيکارين ته سنڌي گڏ آهن ۽ هو پنهنجي ڌرتيءَ جي قدرتي وسيلن ۽ ڌرتيءَ جي ڪنهن به قيمت تي سوديبازي ٿيڻ نه ڏيندا ۽ تيري ميري ڪرڻ وارا چون ٿا ته سنڌ کي ون ۽ ٽو ۾ ورهايو وڃي اهو ڪنهن به قيمت تي قبول نه ڪيو ويندو.اسان کي گڏ ٿيڻو پوندو نه ته اقتدار جي لالچ ۾ پنهنجا پيارا قربان ڪرڻا پوندا. هن چيو ته ڪنهن کي به سنڌي ٽوپي پارائي اقتدار ۾ ويهارجي پر پاڪستان جو حقيقي مالڪ پنجاب آهي ۽ سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد کي ڪڏهن به پاڪستان جو مالڪ ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ان موقعي تي ساگر حنيف بڙدي، ممتاز شيخ، عزيز شيخ، حميد سومرو، رجب سيٺار، طارق سولنگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

No comments:

Post a Comment