Tuesday, May 20, 2014

مٺي (ن ع آ) مٺي تعلقي جي ڏڪار متاثر ڳوٺ راڄي ٻهه ۾ دستن ۽ الٽين جي تڪليف بعد جوڻيجا برادري جي هڪ ئي خاندان جا 5 معصوم ٻارڙا بيهوش ٿي ويا. جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال مٺي ۾داخل ڪيو ويو. بيهوش ٿيل ٻارڙن  ۾ 5 سالن صغريٰ، 2 سالن جي ثمينا، 9 مهينن جو عنايت الله، چئن سالن جو سليم، 13 سالن جو آصف جوڻيجو شامل آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته معصوم ٻارڙا غذائي کوٽ يا ڪنهن بيماري سبب نه پر زهريلو کاڌو کا؟ڻ سبب بيهوش ٿيا آهن. ٻئي طرف مٺي سول اسپتال ۾ 8 ڏينهن جي وڌيڪ ٻارڙي سليمت فوت ٿي وئي ۽ ٽن معصوم ٻاڙرن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مٺي کان حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي

No comments:

Post a Comment