Saturday, May 17, 2014

پرائمري استادن جي حقن لاءِ جدوجهد جو ڇا ٿيو؟

ماضي ۾ سنڌ جي پرائمري استادن پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي به تحريڪون هلايون آهن اُهي پنهنجا جائز حق وٺي پوءِ ختم ٿيون آهن، خاص ڪري استاد عبدالرحيم جتوئي جي، قيادت جو اهو تمام شاندار دور رهيو. سال 2010 ۾ جيڪا جدوجهد هلي ٽائيم اسڪيل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ان ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي ملي ڇو ته ٽائيم اسڪيل ته مليو  پر ٽيچنگ الائونس ڏيڻ ۾ سيڪريٽري آف ايجوڪيشن ڪجهه اٽڪل ڪري ويو، جنهن ۾ 2001 کان بعد ۾ ڪيل پروفيشنل  ڪواليفڪيشن کي اٽڪايو ويو جنهن سبب 80 سيڪڙو استاد ٽيچنگ الائونس کان محروم رهجي ويا. 16.2.2014 کان وري استاد محمد رفيق جروار جي اڳواڻي ۾ نئين عزم ۽ حوصلي سان پنهنجا جائز حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي وئي- پهرين مرحلي ۾ اسڪول ٽائيم کان بعد ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو  ته جيئن تعليم متاثر نه ٿئي، ان کان بعد ۾ ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان کان پوءِ ٽئين مرحلي ۾ ڪراچيءَ ۾ احتجاج شروع ٿيو ته سنڌ جي تعليم واري وزير نثار احمد کهڙي ڳالهين جي لاءِ مرڪزي عهديدارن کي گهرايو، جنهن ۾ سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو به موجود هيو، ان دوران ٿر ۾ ڏڪار سبب سنڌ حڪومت جي سموري مشينري ٿر رواني ٿي وئي جنهن جي ڪري ڳالهين ۾ تعطل پيدا ٿي ويو. تازي جدوجهد ۾  تقريبن 20 مطالبا رکيا ويا هئا جنهن ۾ هڪڙو مطالبو ٽيچنگ الائونس وارو منظور ٿيو اهو به گڏيل طور تي يعني پ  ٽ الف ۽ گسٽا جي قيادت کي گڏيل طور نوٽيفڪيشن ڏنو ويو ۽ گسٽا وارن جو جيڪو وڏو مسئلو هيو ٽائيم اسڪيل وارو اهو به انهن جو حل ٿي ويو باقي پ ٽ الف جا 19 مطالبا جن ۾ خاص ڪري ٽيچرس سن ڪوٽا، 16 اسڪيل، هيلٿ انشورنس، وئڪيشن ۾ ڪنوينس الائونس جي ڪٽوتي بند ڪرڻ، فوتي ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ ۽ سنڌ جي هر ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ ٽيچرس ڪالونين جو قائم ڪرڻ وغيره. انهن مطالبن کي پيش ڪئي هيترو سارو وقت گذري چڪو آهي پر گورنمينٽ کي شايد يادگيري به نه هجي ته سنڌ جي  پرائمري استادن جا ڪي جائز مطالبا به هيا؟ جيئن ڏينهن گذرندا ٿا وڃن تيئن استادن جي دلين ۾ گهڻيون ڳالهيون پيدا ٿينديون پيون وڃن ته الائي اسان جي مرڪزي قيادت پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪري استادن جي حقن تان هٿ ته نه کڻي وئي آهي (ڇو ته اهڙين تحريڪن ۾ حڪومت طرفان لالچ ڏئي اڳواڻ خريد ڪيا ويندا آهن) مرڪزي قيادت پنهنجي پوزيشن واضح به نه ٿي ڪري. جيڪڏهن ائين ٿيندو رهيو ته پوءِ استادن جو تحريڪن تان ويساھ کڄي ويندو

No comments:

Post a Comment