Monday, May 5, 2014

شهيدن جي چاليهي جي نسبت سان سنڌ جي گلابن کي سرخ سلام!



اڄ سنڌ جي انهن ٽن ازلي عاشقن جو چاليهو آهي، جن جو نصب العين، ماڳ، مقصد، ڌرتيءَ ماءُ جي آجپي ۽ قومي غلاميءَ کان نجات لاءِ هر پل، هر لمحو جدوجهد ڪرڻ هيو. شهيد مقصود خان قريشي، شهيد سلمان وڌو ۽ شهيد منظور چنو، ڪروڙن جي آباديءَ واري ديس، سنڌ جا اهڙا ٽي گلاب جا گل هئا، جن ڪڏهن به ڪنڌ جھڪائڻ، آڻ مڃڻ، مصلحتن کان ڪم وٺڻ نه سکيو هيو. سنڌ جي انهن ٽنهي فرمانبردار فرزندن کي ماءُ جھوليءَ ۾ جيڪا لولي ڏني هئي، انهيءَ لولي ءَ جي لڄ ۽ ڀرم رکڻ خاطر، انهن ٽنهي ڳڀروئن هميشه پاڻ کي عمل جي ميدان ۾ مصروف رکيو. پاڪستان جهڙي مذهبي جنونيت، بنياد پرستي، دهشت گرديءَ جو آکاڙو بڻيل رياست، جتي سياست جي نالي تي عوام سان ويساهه گهاتيون ٿين ۽ ووٽن جي طاقت سان چونڊيل وڏيرا، ڀوتار، سردار توڙي سرمائيدار ، اقتدار جي حقير ڪرسيءَ لاءِ قومي غيرت، تشخِص ۽ خودداريءَ جو سودو ڪن، جتي جا رياستي ادارا ۽ انهن جا هٿيار بند فورسز ننڍين قومن جي بنيادي حقن کي غضب ڪرڻ ۽ انهن کي غلام در غلام بنائڻ پنهنجو اولين فرض  سمجهن ۽ پنهنجي بربريت، آپي شاهي، ڏاڍ مڙسي ۽ طاقت جو توازن برقرار رکڻ لاءِ انهن ادارن جا هٿيار بند، سنڌ جي قومپرست ڪارڪنن توڙي اڳواڻن کي بي رحمي ۽ بي هسيءَ سان قتل ڪرڻ لاءِ هر وقت ڳِجھن جيان، سنڌ وطن جي شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻ، وستين ۾ هر وقت لامارا ڏيندا رهن ٿا. ۽ هر وقت اهڙيون خوني سازشون ۽ حڪمت عمليون جوڙيندا رهن ٿا  ته، سنڌ جي قومي تحريڪ ي ڪُچلڻ لاءِ ڪهڙيءَ ريت ڪا خوني راند رچائي وڃي…..!!
اڄ سنڌ جي ٽن محبوبن جي چاليهي جي موقعي تي سنڌ جا سمورا قومي ڪارڪن ۽ خاص طور تي جيئي سنڌ قومي محاذ سان واڳيل ڪارڪنن جا روح رنجايل آهن. انهن جي اکين ۽ حواسن کان شهيد مقصود خان قريشي، شهيد سلمان وڌو ۽ شهيد منظور چني جا سدا ملوڪ ۽ مرڪندڙ چهرا ڪڏهن به وسري نه ٿا سگهن ۽ قومن جي آجپي واري جدوجهد ۾ سرن جا سودا ڪندڙ عظيم انسان زمان ۽ مڪان، حد، لاحد جون حدون اورانگھي، امرتا جي انهيءَ معراج تي پهچندا آهن، جتي پهچي اهڙا ڪردار قومي هيروز بڻجي ويندا آهن. هن نام نهاد ۽ ناڪام رياست اسان کان اسان جا قومي هيروز بندوق جي گوليءَ سان ڦري توڙي جو اسان جي دلين کي ڪڏهن به نه ڇٽندڙ گھاءَ ڏنا آهن، پر اسان پنهنجي عظيم رهبر سائين جي ايم سيد جي تربيت ۾ رهندي اهو پرايو آهي ته، قومي آجپي جي منزل جيئن جيئن ويجھي ايندي آهي، اوتري ئي شديد ۽ ڀوائتي انداز سان رياستي جبر ۽ ڏاڍ سامهون ايندو آهي ۽ اهڙو دور ئي هڪ مستقل مزاج، صالح ۽ آدرش واد قومي اڳواڻ توڙي ڪارڪن لاءِ امتحان جو دور هوندو آهي. اسين سمجهئون ٿا ته، شهيد بشير خان قريشي، شهيد مقصود خان قريشي، سلمان وڌو ۽ منظور چنا جون شهادتون، جدوجهد لاءِ اهڙا عظيم اهڃاڻ ۽ آٿت جو روپ ڌاري چڪيون آهن جو جڏهن ۽ جنهن گهڙيءَ به اسان جو ذهن ۽ دل عارضي ڏک، پيڙا يا مايوسيءَ جي زد ۾ اچن ٿا، تڏهن اسان جي شهيد ساٿين جون روشن سج جھڙيون اکيون، اسان جي حوصلن کي هماليه بنائي ڇڏين ٿيون. اسان جا چور چور ۽ ٿڪل وجود هڪ ڪرشماتي روحاني سگھه سان سرشار ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ اسان لاءِ، اسان جي تعاقب ۾ تيار بيٺل هٿيار، بارود، بم، ۽ ٽينڪون، بي معنيٰ ۽ حقير محسوس ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪو عام ماڻهو به ڪنهن عظيم قومي اجتمائي مقصد ۽ آدرش سان سلهاڙجي وڃي ٿو ته پوءِ حيات ۽ موت جو مسئلو، انهيءَ لاءِ ثانوي بڻجي وڃي ٿو. اسين ڄاڻون ٿا ته، اسان جنهن ماڳ ۽ منزل جا متلاشي آهيون، انهيءَ ماڳ جو سفر ڪاون، ٽانڊن ۽ بارودن سان ڀريل آهي.

No comments:

Post a Comment