Monday, May 5, 2014

سائين راشد مورائي جي ياد ۾





هو سنڌ جي قومي سجاڳيءَ جو اهڃاڻ هيو، سنڌ جو قومي آجپو هن جو وڏي ۾ وڏو خواب هو، جنهن جو ذڪر هن اسان سان 11 مارچ 2014ع ۾ نوابشاهه ۾ بيماريءَ واري بستري تان به خود اعتماديءَ وچان، ائين ڪيو هو ته “سنڌ جو قومي آجپو منهنجو وڏي ۾ وڏو خواب آهي. لازمي ناهي ته هن خواب جي تعبير آئون اکين سان ڏسي وڃان. منهنجي قوم سنڌ جي قومي آجپي واري خواب سچو ثابت ڪري ورتو تڏهن به آئون سمجهندس ته مون اهو خواب اکين سان ساڀيان ٿيندي ڏٺو. ڇو ته هيءُ خواب جيڪو منهنجي دل جي تختيءَ تي لکيل آهي. مون اڪيلي جو نه پر سڄي سنڌي قوم جو خواب آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌي قوم جو قومي آجپو آهي”. هو سنڌ جو حوصلو ۽ سجاڳي هو، سنڌ جي محبت ۾ گهاريون وجهندڙن سان هن جي بنهه ڪانه پوندي هئي. هو عاشق هو، پنهنجي ڀوميءَ جي ماڻهن جو، وڻن ۽ ٽڻن جو ٻوٽن ۽ گلن جو. سنڌ هن وٽ حسن جي اهڙي علامت هئي، جنهن کي هو سرمي جيان پائڻ جو هيراڪ بڻجي چڪو هو. سنڌ پرست، حسن پرست، حسن شناس هو اسان جو سائين راشد مورائي. اڄ جڏهن سنڌ جي جهوليءَ ۾ نئين ڏينهن نون دولابن کي اڇلايو پيو وڃي ۽ سنڌ جي جهوليءَ ۾ جهڄندڙن جوڌن، ڪوپن، ڪونڌرن کي بهار رت ۾ مڻڪن ڀڳن مکڙين جيان ٽوڙڻ جي سازش تيز ٿي وئي آهي ۽ سنڌ جي جهوليءَ ۾ پنهنجي حلالي پٽن شهيد مقصود قريشي ۽ شهيد سليمان وڌو جا جسم گولين سان پروڻ ڪري تيلي ڏئي جلائي اڇلايا پيا وڃن. جنهن جي نتيجي ۾ اقتداري مقام جي رستي ۾ جيجل سنڌ خاطر سر گهوريندڙن جو مقام اڏجي رهيو آهي. سنڌي قوم اڃا ان سور جي ڳولا ۾ هئي، ته اهو سور اچانڪ اسان جي وستين ۾ ڪيئن ۽ ڪٿان ڦٽي رهيو آهي. ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا جا ڏنل گهاوَ، پراون ڏنل گهاون کان وڌيڪ ڪُرائيندڙ ۽ تڙپائيندڙ هوندا آهن. اڃا اسان جي انهن ڪونڌرن جي قبرن جي مٽي آلي آلي رهي ته سائين راشد مورائي جهڙو بيباڪ ۽ ارڏي پٽ جي وڇوڙي وارو ڏک به سنڌ کي ڏسڻو پيو.
جوڳي پنهنجي جوٰءِ ويا، جهڙ جيئن نيڻ جهمن..!!
شاهه
اڄ جڏهن سنڌ کان هڪ ٻيو سائين وڇڙي ويو آهي ته ياد ڪريان ٿو حيدري شاعر شمشير جا لفظ، جيڪي هن مونکي سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي وقت سن واري تڏي تي پئي لکرايا: ڪارونجهر جا مور، رڙيون ڪري اوهما ٿي پيا آهن، ڪينجهر جون ڪونجڙيون پرڙا کوهي پاڻيءَ مٿان ڪري پيون آهن، مهين جي دڙي جو پادري نرتڪيءَ کي نرت بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي سنڌوءَ ڏانهن نڪري ويو آهي. مڪليءَ جا ملوڪ ڄام نظام الدين، دولهه درياهه خان، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ حسام الدين راشديءَ سميت مخدوم معين وٽ ڪٺا ٿي ويا آهن. مهاراجا ڏاهر هاٿيءَ تان هيٺ ٽپ ڏئي، تيش ۾ اچي ان جي سونڍ ڪپي ڇڏي آهي. ننگر پنهنجي رت هاڻي تلوار هوا ۾ لهرائڻ لڳو آهي. دودو پنهنجي چيلهه جو سندرو ڇوڙي وري مضبوطيءَ سان ٻڌي رهيو آهي. هوشوءَ پنهنجي اڌ ڀڳل تلوار جي مٺئي ۾ هٿ سوگهو ڪري ڇڏيو آهي.
هو سنڌ جو ذهن ۽ ضمير، سنڌ جو روح هو، هو سنڌ جي تاريخ جو تخت ۽ سنڌوءَ جي ساک هو، هو سنڌ جي، سنڌ جي ماڻهن جي سگهه هو، جيڪا وستين ۽ واهڻن ۾ هر هنڌ سندس فڪر جي شڪل ۾ وکري پئي آهي. ضرورت آهي ته انهيءَ سگهه کي سهيڙجي، هو پاڻ ماري، سنڌ کي جيئاري ويو آهي. پاڻ بيهوش  رهي، سنڌ کي هوش ڏئي ويو آهي، پاڻ سمهي، سنڌ کي جاڳائي ويو آهي. وٽس انسان ذات لاءِ سنڌ جو خاص پيغام هو جنهن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي.
جهڙيءَ طرح ويندي ويندي پاڻ چوندو ويو ته:
گذر ٿيا سال پر پيدا نه ٿيو ڪو فرق عبادت ۾
جهالت سان پيا جهيڙيون، ذهينن جي قيادت ۾
عمر ساري ڪئي مون آهه راشد سونهن جي پوڄا
پڇاڻو ڪير ۽ ڪهڙو ڪندا مونکا قيامت ۾.

No comments:

Post a Comment