Friday, May 16, 2014

ڪچو شراب واپرائڻ وارو واقعو

تازو ڪچي شراب واپرائڻ جو واقعو نواب شاهه ۾ ٿيو آهي جنهن ۾ 6 قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون آهن. هن واقعي ۾ هڪ پوليس اهلڪار به فوت ٿي چڪو آهي جيڪو پنهنجي ٿاڻي بي سيڪشن جي حد ۾ موجود هڪ جاءِ تان ڪچو شراب وٺي پيئندو هو. 28 سالن جي پوليس اهلڪار رفيق پنگوار سان گڏ شفيق ملڪ، امين مغل، عابد رانگڙ ۽ 18 سالن جو نوجوان راشد ڪچي شراب پيئڻ سبب فوت ٿي ويا آهن. هن واقعي کان پوءِ پوليس ٿورو گهڻو حرڪت ۾ آئي آهي. اي سيڪشن، بي سيڪشن، ايئرپورٽ ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي ڪچو شراب وڪڻڻ جي الزام ۾ 6 ڄڻا گرفتار ڪيا آهن. ڊي ايس پي اعجاز ترين موجب ڪجهه ماڻهو اڃا فرار ٿي ويا آهن. پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته جيڪي ماڻهو منشيات فروشي ۾ ملوث آهن سي قانون کان به ڏاڍا آهن هڪ ته اهي .گرفتار نه ٿيندا آهن ٻيو ته جيڪڏهن اهي گرفتار ٿيندا آهن ته پيسا ڏئي آزاد ٿي ويندا آهن

No comments:

Post a Comment