Friday, May 16, 2014

ٿر ۾ غربت،،ڪيترائي معصوم ٻار بک وگهي فوت

مٺي (ع آ نيوز) ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال تي اڃا تائين ضابطو نه اچي سگهيو آهي، سرڪار رڳو ٺلها آسرا ۽ ڪاغذي ڪارروايون ڏيکاري ڏيهي توڙي پرڏيهي مليل کربين رپين جي امداد هڙپ ڪري وئي، ٿر جي ماروئڙن کي ٻيو رليف ته ٺهيو پر ماني ڳڀو به فراهم ناهي ٿي سگهيو، مٺي جي سول اسپتال ۾ غذائي کوٽ سبب هڪ ڏينهن ۾ 7 معصوم ٻارڙا موت جي ور چڙهي ويا، جن جون امڙيون هنجون هاري هاري بيحال ٿي ويون آهن، فوتي ٻارڙن جي عمر هڪ کان 8 ڏينهن جي وچ ۾ ٻڌائي پئي وڃي.

No comments:

Post a Comment