Friday, May 2, 2014

پورهيتن جو عالمي ڏينهن

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ملازمن پاران پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي شڪاگو جي شهيدن جي ياد ۾ ۽ ملازمن جا مطالبا منظور ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ محمد حنيف جمالي ۽ حسين بخش ويسر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي. سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ملازمن سنڌو ننگر ڪالوني جي چوڪ کان اولڊ زرعي ڪالوني تائين ريلي ڪڍي. ريلي ۾ شريڪ ملازم يونيورسٽي انتظاميه پاران سندن مطالبا منظور ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ جهمريون پائيندا رهيا ۽ پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان نعرا هڻندا رهيا. ريلي کي خطاب ڪندي آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي مرڪزي چيئرمين حسين بخش ويسر چيو ته شڪاگو جا شهادتون ماڻيندڙ پورهيت هجن يا اڄ جي جديد دور جا مزدور تاريخ ثابت ڪيو آهي ته پورهيتن ۽ مزدورن کي جدوجهدن ۽ قربانين کان سواءِ سندن حق نه مليا آهن. شڪاگو جي شهيدن جي ياد ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيپلز ليبر بيورو ، واپڊا هائيڊرو يونين ، پاڪستان ورڪرس فيڊريشن ، آواز ويلفيئر سوسائٽي ، ڀٽائي ويلفيئر آرگنازئزيشن سميت مختلف تنظيمن پاران سوين پورهيتن ريلوي اسٽيشن کان ريليون ڪڍيون جيڪي مختلف چوڪن تان ٿيندي ڦليلي پل تي پهتيون ، جتي پورهيت اڳواڻن معشوق ڀٽي ، عبدالحڪيم دستي ، قادر شورو ،  ايوب سهتو ، سارنگ مصطفى، ڪامران پلي، مختيار ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  شڪاگو جي شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن پورهيتن جي حقن خاطر پنهنجي جانن جو نذرانو ڏيئي سڄي دنيا ۾ پورهيتن جو ڪند جهڪڻ نه ڏنو ، جڏهن ته هالا، گولاڙچي، نيئن دمبالي، سجاول، گهاري ، پنگريي، ميرپوربٺوري، ماتلي، ڌاٻيجي ۽ ٻين شهرين ۾ پڻ سياسي، سماجي تنظيمن پاران مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مطالبو ڪيو ته پورهيتن کي حق ۽ سهولتون ڏيڻ لاءِ پاڪستان حڪومت قانون جوڙي. 

No comments:

Post a Comment